بحريه ٽائون ڪيس: جلال محمود شاهه، رياض چانڊيو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش

ڪراچي: ڪراچي جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت ۾ بحريه ٽائون ڌرڻي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ سيد جلال محمود شاهه، رياض چانڊيو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته ڊاڪٽر قادر مگسي عدالت ۾ پيش نه ٿيو، ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته هو ڪورونا جو شڪار ٿي ويو جنهن ڪري پيش نه ٿي سگهيو، جنهن تي عدالت ڊاڪٽر قادر مگسي جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي، جنهن بعد عدالت پوليس پيپرز نه هجڻ جي ڪري ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 26 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ پوليس کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيپرز پيش ڪرڻ جي هدايت به ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔