نيب شهباز شريف خلاف نئين جاچ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

لاهور: قومي احتساب بيورو(نيب) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف جي خلاف نئين جاچ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب شهباز شريف جي خلاف نيب سرڪاري زمين ٽرانسفر ڪرڻ تي نئين جاچ شروع ڪئي ۽ نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ به جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان حوالي سان ذريعن ٻڌايو آهي ته شهباز شريف مٿان بهاولپور سيٽلائٽ ٽائون ۾ سرڪاري زمين من پسند ماڻهن کي ٽرانسفر ڪرڻ جو الزام آهي. نيب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف جو نالو نه آهي صرف اڳوڻو پنجاب جو وڏو وزير لکيو ويو آهي.نيب طرفان جاري ڪيل بيان موجب نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس ۾ 11 جاچن جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ اڳوڻي ايم اين اي، اڳوڻي بهاولپور جي ڪمشنر خلاف به جاچ شامل آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪوئٽه ڊوالپمينٽ اٿارٽي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن، اڳوڻي ضلعي ناظم نصيرآباد سڪندرعمراڻي ۽ اڳوڻي سيڪريٽري سي اينڊ ڊبليو ڊپارٽمنٽ ڪوئٽه علي احمد مينگل جي خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔