انسٽاگرام دنيا جي تيز ترين عورت رانديگرجو اڪائونٽ بلاڪ ڪري ڇڏيو

انسٽاگرام دنيا جي تيز ترين عورت رانديگر جو اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ٻيهر بحال ڪري ڇڏيو.
اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ۽ جميگا جي اسپرنٽر ايلين ٿامسن هيرا ٽوڪيو اولمپڪس جي 200 ميٽر ڊبل ڊبل جو مقابلو کٽڻ بعد پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڊوڙ جون وڊيوز شيئر ڪيون هيون.
اڪائونٽ تي وڊيوز ۽ تصويرون شيئر ڪرڻ تي انسٽاگرام دنيا جي تيز ترين عورت رانديگر ٿامسن هيرا جو اڪائونٽ بلاڪ ڪري ڇڏيو هو. وڊيوز هٽائڻ تي انسٽاگرام ڪيترن ئي ڪلاڪن کان پوءِ سندس اڪائونٽ بحال ڪيو.
ٿامسن هيرا ٽوئيٽر تي پيغام جاري ڪندي چيو ته سندس انسٽاگرام اڪائونٽ تائين هن جي پهچ کي روڪيو ويو هو ڇو جو هن اهڙيون وڊيوز شيئر ڪيون هيون جيڪي مبينا طور تي ڪاپي رائيٽ جي خلاف هيون.
فيسبڪ جي ترجمان خابرو اداري رائيٽر کي ٻڌايو ته ٿامسن طرفان جڏهن مواد هٽايو ويو ته ان کان پوءِ اڪائونٽ بحال ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔