ٽڪ ٽاڪ انسٽاگرام جي مقابلي ۾ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

لنڊن: وڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ سوشل ميڊيا جيان مشهور پليٽ فارمز کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جي ٽيارين ۾ سرگرم عمل آهي. جنهن کي نظر ۾ رکندي ٽڪ ٽاڪ ٻين پليٽ فارمز جيان هڪ ٻيو فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب ٽڪ ٽاڪ پنهنجي مخالف سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽا گرام کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جي لاءِ اسٽوريز جي فيچر جي جانچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ٽڪ ٽاڪ اسٽوريز جي نالي سان جڙيل اهو فيچر ٽڪ ٽاڪ صارفين کي اسٽوري تي مختصر وڊيو پوسٽ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. جيڪا ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران پاڻمرادو غائب ٿي ويندي. ٽڪ ٽاڪ جي فيچر اسٽوريز جي حوالي سان اعلان ٽوئٽر تي سوشل ميڊيا ڪنسلٽنٽ ميٽ نوارا طرفان سامهون آيو.سوشل ميڊيا ڪنسلٽنٽ ٽوئٽر تي نئين فيچر جون تصويرون شيئر ڪندي صارفين کي آگاهه ڪيو. ان کان پوءِ ڪمپني طرفان نئين فيچر جي جانچ جي شروعات بابت تصديق سامهون آئي. في الحال ٽڪ ٽاڪ اسٽوريز جو فيچر پليٽ فارم تي ڪجهه صارفين جي لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي. واضح رهي ته اسٽوري جو فيچر ٽڪ ٽاڪ کان اڳ انسٽاگرام، فيس بڪ، اسنيپ چيٽ ۽ واٽس ايپ تي به موجود هو. پر ڪجهه وقت اڳ اهڙو ئي فيچر ٽوئٽر تي به متعارف ڪرايو ويو هو جنهن کي هاڻ ختم ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔