سڄو گورک ڌنڌو پئسي کي هيڏانهن هوڏانهن گهمائڻ لاءِ آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ چيو آھي تھ سڄو گورک ڌنڌو پئسي کي هيڏانهن هوڏانهن گهمائڻ لاءِ آهي، زلزلي کي 16 سال گذرڻ باوجود اسڪول تعمير ٿيندي نظر نٿا اچن، ٻڌايو وڃي ته اربين رُپيا فنڊز جاري ٿيڻ باوجود زلزلي متاثر علائقن ۾ اسڪول ڇو نه ٺهيا، سپريم ڪورٽ ڪي پي جي زلزلي متاثر ضلعن ۾ تباهه ٿيل اسڪولز 6 مهينن ۾ فعال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪي پي سرڪار طرفان زلزلي متاثر علائقن ۾ اسڪول تعمير نه ٿيڻ جي ذميوار ايرا قرار، عدالت خيبرپختونخواه جي بيوروڪريسي کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، ايرا جي چيئرمين کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي طور پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔