والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بحران پيدا ڪري رهيون آهن: آرمي چيف

ڪراچي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بحران پيدا ڪري رهيون آهن، ڀارت جي طرفان والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي کي ٻه سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي پاڪستان ۾ يوم استحصال ڪشمير ملهايو پيو وڃي جڏهن ته والاريل وادي ۾ مڪمل هڙتال آهي. آءِ ايس پي آر موجب آر،ي چيف چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ بدترين رياستي جبر جاري آهي ۽ والاريل وادي ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بحران پيدا ڪري رهيون آهن، آرمي چيف چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ سلامتي بحران علائقائي امن جي لاءِ خطرو آهي، ڪشميري عوام جي خواهش ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلو جي حل خطي ۾ امن ۽ اسحتڪام جي لاءِ ضروري آهي، ڪشميرين جي خواهشن جي تحت تڪرار ختم ڪرڻ کانسواءِ امن ممڪن نه آهي، جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ، ڊيموگرافڪ تبديلي سيڪيورٽي ڪرائسز پيدا ڪري رهيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔