ڪشميرين تي ظلم بند ٿيڻ تائين ڀارت سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون:صدرعارف علوي

ڪراچي : سڄي ملڪ ۾ ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جي اظهار لاءِ يومِ استحصال ملهايو پيو وڃي، يومِ استحصال جي موقعي تي صبح 9 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ اسلام آباد ۾ هڪ منٽ لاءِ ٽرئفڪ روڪي وئي، اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، پرڏيهي کاتي کان ڊي چوڪ تائين ريلي ۾ صدر عارف علوي ۽ وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع ۾ صدارتي فرمان ذريعي ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪئي وئي هئي، ۾ ريلي کي خطاب دوران صدر عارف علوي چيو آهي ته ڪشميرين تي ظلم بند ٿيڻ تائين ڀارت سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، ڀارت ڪشميري کان رياست جو درجو کسي آزادي جي اصولن کي پائمال ڪيو، والاريل ڪشمير کي ضرور آزاد ڪرايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔