ڀارتي ويريئينٽ پنهنجو انگ هڪ هزار ڀيرا وڌيڪ وڌائيندو آهي: تحقيق

بيجنگ: ماهرن لڌو آهي ته گذريل سال چين مان ڦهلجندڙ ڪورونا وائرس جي مقابلي ۾ ان جي ڀارتي قسم مطلب ”ڊيلٽا ويريئينٽ“ پنهنجو انگ هڪ هزار ڀيرا وڌيڪ وڌائيندو آهي.
واضح رهي ته ڪورونا وائرس جو ڊيلٽا ويريئينٽ جيڪو هن وقت تائين پاڪستان سميت دنيا جي 132 ملڪن ۾ ڦهلجي چڪو آهي، ڊسمبر 2020 ۾ ڀارت مان ظاهر ٿيو هو.
وائرسن تي تحقيق ڪندڙ ماهرن جي آن لائن ڊسڪشن فورم ”وائرو لوجيڪل ڊاٽ آرگ“ جي هڪ تازي پوسٽ ۾ چيني ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته ناول ڪورونا وائرس (سارس ڪوو2) جي ڊيلٽا ويريئينٽ کان متاثر ٿيندڙ مريضن ۾ ان وائرس جو انگ (وائرل لوڊ)، گذريل سال واري ڪورونا وائرس کان هڪ هزار ڀيرا وڌيڪ ڏٺو ويو آهي.
تنهن هوندي به ڪورونا وائرس کان بچاءَ وارين سمورن طريقن ماسڪ پائڻ، هٿ ڌوئڻ، سماجي وٿي رکڻ، هٿ ملائڻ ۽ ڀاڪر پائڻ کان پاسو ڪرڻ وغيره تي عمل ڪندي ڊيلٽا ويرينٽ جي ڦهلاءَ کي به گهڻي حد تائين روڪي سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔