فحش فلمن وارو ڪيس: شلپا شيٽي جي پهريون ڀيرو وضاحت

ممبئي: راج ڪندرا پورن اسڪينڊل ۾ اداڪارا شلپا شيٽي پهريون ڀيرو کُلي ڪري وضاحت ڪئي آهي.
مڙس راج ڪندرا جي پورن اسڪينڊل واري معاملي تي شلپا شيٽي جي حوالي سان به مختلف خبرون گردش ڪري رهيون آهن پر هاڻي اداڪارا ان معاملي تي پاڻ به پهريون ڀيرو وضاحت ڪئي آهي.
اداڪارا چيو ته هر لحاظ سان اسان جي لاءِ اهي ڏينهن تڪليف ڏيندڙ هئا، ميڊيا ۾ ان ڪيس جي حوالي سان ڪيترائي افواهه، تنقيدي پوسٽون ۽ الزام لڳايا ويا آهن پر هن وقت تائين مان ان بابت هڪ لفظ به ناهي چيو نه ئي مان ان حوالي سان ڪجهه چوڻ چاهيان ٿي.
شلپا جو چوڻ هو ته مشهور شخصيت طور منهنجو سدائين ان ڳالهه تي يقين هوندو آهي ته نه ئي شڪايت ڪيو نه ئي وضاحت ڏيو، تنهنڪري ان بابت غلط خبرون نه ڦهلايون وڃن ته بهتر هوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔