سعودي عرب جي هڪ غار مان هزارين انساني ۽ جانورن جا هڏا هٿ

رياض: سعودي عرب جي هڪ غار مان انسانن ۽ جانورن جا هزارين هڏا هٿ ڪيا ويا آه
پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي عرب جي هڪ غار مان انسانن ۽ جانورن جا هزارين هڏيا ڳوليا ويا آهن، جن ۾ گهوڙن، اٺن ۽ ڪوئن سميت انسانن جا هڏا به شامل آهن.
سائنسدانن طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هٿ آيل هڏا اُم جرسان ۾ واقع ڏيڍ ڪلوميٽر ڊگهي سرنگهه مان ڳوليا ويا آهن، هڏين کي غار ۾ خوبصورت انداز سان باحفاظت رکيو ويو هو.
رپورٽ موجب اها سرنگهه سعودي مملڪت ۾ حرات ڪيبار لاوا فيلڊ ۾ موجود آهي، سائنسدان اسٽيوي اسٽيوارٽ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ان تحقيق ۾ هٿ آيل باقيات، هڏين جا قسم، انهن جو انگ ۽ جاين جي مطالعي جي بنياد تي اهو نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته گوشت کائڻ وارا بگهڙ انهن کي گذريل ست هزار سالن کان گڏ ڪندا رهيا آهن
هن لکيو ته اهو جانور هڏين کي گڏ ڪرڻ جو شوقين هوندو آهي، اهو هڏن کي پري پري واري علائقن مان آڻي غارن ۾ گڏ ڪندو رهندو آهي ته جيئن انهن کي ضرورت پوڻ تي استعمال ڪري سگهي ۽ ننڍي بگهڙن کي خوراڪ طور اهي ڏئي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔