فرانس ۾ حڪومتي پابندين خلاف لکين ماڻهن جو احتجاج

پئرس : فرانس ۾ ڪورونا جي روڪٿام لاءِ نون حڪومتي قدمن خلاف عوام سراپا احتجاج بڻجي ويو.
فرانس ۾ ڪورونا وبا جي روڪٿام لاءِ حڪومت جي تازن قدمن خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو ۽ ان دوران پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن ۾ جهڙپون پڻ ٿيون.
جهڙپن ۾ پئرس ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 19 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
اختيارين موجب احتجاج دوران پئرس کانسواءِ مارسي، ليون، نانت ۽ تولوز سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ مجموعي طور ٻه لک کان وڌيڪ شهرين حصو ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔