محمد رضوان عالمي رڪارڊ جو مالڪ بڻجي ويو

گيانا : قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان ويسٽ انڊيز خلاف ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ دوران عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
محمد رضوان هڪ سال ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشل رنسون ٺاهڻ جو عالمي رڪارڊ ماڻيو آهي، هن اهڙو ڪارنامو ويسٽ انڊيز خلاف گيانا ۾ ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ دوران 46 رنسن جي اننگز کيڏي انجام ڏنو.
محمد رضوان هيل تائين 2021 ۾ کيڏيل 14 اننگز ۾ 752 رنسون ٺاهي چڪو آهي، ان کان اڳ اهو رڪارڊ آئرلينڊ جي پال اسٽرلنگ وٽ هو، جنهن 2019 ۾ 20 اننگز ۾ 748 رنسون ٺاهيون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔