معصوم ٻارڙو گهر مان گاڏي ڪاهي روڊ تي نڪري آيو

نيويارڪ: آمريڪي رياست يوٽا ۾ پوليس هاءِ وي تي گاڏي ڊوڙائيندڙ 5 ساله ٻارڙي کي پڪڙي ورتو.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب يونا ۾ جڏهن پوليس اهلڪارن معصوم ٻار کي هاءِ وي تي گاڏي ڊوڙائيندي ڏٺو ته هو حيران ٿي ويا. جنهن کان پوءِ پوليس اشارو ڏنو جنهن تي 5 ساله ٻار گاڏي کي روڪي ڇڏيو.ٻار پوليس جي پڇڻ تي ٻڌايو ته منهنجي ماءُ مون کي لمبرگيني ڪار ڏيارڻ کان انڪار ڪيو هو ان تي مون فيصلو ڪيو ته مان پاڻ ئي ڪيليفورنيا مان گاڏي خريد ڪري ايندس.پوليس موجب ٻار وٽ صرف 3 ڊالر هئا جڏهن ته ٻار گاڏي هلائي گهر کان تقريبن 5 ڪلو ميٽر پري پهچي ويو هو. پر خوشقسمتي سان ڪوبه حادثو ناهي ٿيو.ان حوالي سان ٻار جي والدين ٻڌايو ته گهر وارا جڏهن سمهي پيا ته ٻار چاٻي کڻي ايس يو وي گاڏي کڻي روڊ تي نڪري آيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔