ميانمار ۾ فوجي سربراهه عبوري حڪومت جو وزيراعظم بڻجي ويو

نيپيدا : ميانمار ۾ فوج جي سربراهه من آنگ هلينگ عبوري حڪومت جي وزيراعظم جو عهدو سنڀالي ورتو.
ان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪ ۾ 6 مهينا اڳ فوج حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ورتو هو.
من آنگ هلينگ جنهن نگران حڪومت جو سربراهه بڻيو آهي، اها تازو ئي قائم ڪئي وئي هئي.
هلينگ فوج جي حمايت سان جوڙيل ان رياستي انتظامي ڪائونسل جو سربراهه آهي، جيڪو پهرين فيبروري کان فوجي بغاوت کانپوءِ اقتدار ۾ آهي.
سرڪاري ميڊيا آچر ڏينهن ٻڌايو ته ملڪي ذميواريون بهتر نموني انجام ڏيڻ لاءِ رياستي انتظامي ڪائونسل ۾ سڌارا آڻيندي ان کي ميانمار جي نگران حڪومت ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔