بين اسٽوڪس طرفان ڪرڪيٽ نه کيڏڻ جو اعلان

لنڊن: انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر بين اسٽوڪس اڻڄاڻايل مدي تائين هر قسم جي ڪرڪيٽ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ليجنڊ ڪرڪيٽر چيو ته اڻڄاڻايل مدي تائين ڪنهن به قسم جي ڪرڪيٽ نه کيڏندس. هن چيو ته في الحال ڌيان ذهني تندرسي ۽ انجري مان جند ڇڏائڻ تي آهي، فيصلي بعد بورڊ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت خالف ٽيسٽ سيريز لاءِ به موجود نه هوندس

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔