نيب سکر خورشيد شاھ خلاف سپليمينٽري ريفرنس احتساب عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو

سکر: خورشيد شاھ خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ واري نيب ريفرنس وارو معامرو، نيب سکر خورشيد شاھ خلاف سپليمينٽري ريفرنس احتساب عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي ڪاغذ مڪمل نه ھجڻ تي سپليمينٽري ريفرنس واپس ڪري ڇڏيو، عدالت نيب کي حڪم ڏنو ته ڪاغذ مڪمل ڪري ريفرنس داخل ڪرايو وڃي، ذريعن جو چوڻ آهي ته خورشيد شاھ واري ريفرنس ۾ برڪت اللھ، محمد عامر، نظام الدين ۽ شاھد شاھ کي شامل ڪيو ويو آھي، ھڪ ارب 38 ڪروڙ 58 لک 504 روپين جو سپليمينٽري ريفرنس تيار ڪيو ويو آھي. نيب سکر 20 مھينن بعد سپليمينٽري ريفرنس داخل ڪرايو جنهن ۾ خورشيد شاھ سميت 18 ڄڻن مٿان 19 ڊسمبر 2019ع تي ريفرنس داخل ڪيو ويو ھو، نيب پاران پھريان احتساب عدالت ۾ داخل ريفرنس ھڪ ارب 23 ڪروڙ روپين جو ھو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔