سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون تي وفاق کي اعتماد ۾ نه ورتو: گورنر سنڌ

ڪراچي: سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون تي وفاق کي اعتماد ۾ نه ورتو، سنڌ ۾ ايس او پيز تي عمل بدران لاڪ ڊائون لڳايو ويو ۽ سنڌ ۾ ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ويو هو، ڪراچي ۾پريس ڪانفرنس ڪندي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته صوبي کي اڪيلي سر فيصلي ڪرڻ جو اختيار ناهي، سپريم ڪورٽ موجب صوبا اڪيلا فيصلا نه ٿا ڪري سگهن، لاڪ ڊائون ڪورونا جي روڪٿام جو حل ناهي، گورنر سنڌ چيو آهي ته سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون فيصلي تي نظرثاني ڪري، هن چيو آهي ته ماڻهن جي نڙيءَ تي ننهن ڏئي فيصلا صادر نه ڪيا وڃن، اسان مڪمل ڪرفيو جهڙي لاڪ ڊائون جي خلاف آهيون، ايس او پيز تي عمل نه ڪرائڻ وڏي وزير جي ناڪامي آهي، هن چيو آهي ته سنڌ حڪومت اسان کي پنهنجو مڃي ته صحيح، وڏو وزير ايڊمنسٽريٽر آهي، مدد لاءِ چئي ته حاضر آهيون، 100سيڪڙو وئڪسين وفاقي حڪومت خريد ڪئي آهي، هر سهولت ڏيڻ لاءِ تياري آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔