پيپلزپارٽي ڪٺ پتلي ۽ سليڪٽيڊ حڪومت کي شڪست ڏيندي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد: اپوزيشن جَي دوستن وٽ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ پاليسي ناهي، پيپلزپارٽي ڪٺ پتلي ۽ سليڪٽيڊ حڪومت کي شڪست ڏيندي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران آزاد ڪشمير جِي چونڊن ۾ ڌانڌلي جِي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول چيو ته، وفاقي سرڪار ڪورونا تي سياست ڪري رهي آهي، حڪمران ڪجهه نٿا ڪري سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ ماٺ ڪري ويهن، حڪومت جِي پاليسي سبب ڀارتي ڪورونا پکڙيو آهي، سنڌ ۾ ڀارت جهڙي صورتحال پيدا ٿي ته ذميوار عمران خان هوندو، وفاقي سرڪار سنڌ ۾ ويڪسينيشن مهم کي متاثر ڪيو، ڪورونا جَي معاملي ۾ وفاقي سرڪار سنجيده ناهي، عمران خان عوام کي لاوارث ڇڏي ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔