سنڌ حڪومت پاران لاڪ ڊائون ۾ نرمي، ٻيلهه سواري تي به پابندي ختم

ڪراچي:سنڌ حڪومت صوبي ۾ لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪندي نئون ترميمي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي فوري طور ختم ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ڊبل سواري تي پابندي ختم ڪئي وئي آهي ته جيئن ماڻهن کي ويڪسينيشن لاءِ وڃڻ ۾ آساني ٿئي. نوٽيفڪيشن موجب گاڏين ۾ به ٻن کان وڌيڪ ماڻهن جي ويهڻ تي پابندي ختم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته رڪشا ، ٽيڪسي ۽ چنگچي کي به اجازت ڏني ويندي ته اهي پنهنجي حدن اندر ڪم ڪن. نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ کير جي دڪانن ۽ بيڪرين کي به وقت ۾ رعايت ڏني وئي آهي، جنهن بعد کير جا دڪان ۽ بيڪريون هاڻ شام 6 وڳي بند نه ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔