آمريڪي فوجين کي پوڙهائپ کان بچائڻ وارو ”ڪيپسول“ تيار

ٽيڪساس: آمريڪا جو اسپيشل آپريشنز ڪمانڊ (ايس او سي او ايم) هڪ پلان تحت ”ڳجهي ڪيپسول“ کي جانچڻ جي تياري ڪري رهيو آهي جنهن سان آمريڪي فوجين جي صحتمند رهڻ سان گڏ انهن کي پوڙهائپ کان روڪي سگهجي ٿو.
اهو تجربو پينٽاگون جي ٿيندڙ هڪ اهم پروگرام جو حصو آهي جنهن جو مقصد فوجين جي پوڙهائپ ۽ زخمن سان متاثر ٿيڻ جي عمل کي سست ڪندي انهن جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ آهي.
بريڪنگ ڊفينس ويب سائيٽ موجب ، سوڪوم جي ترجمان ڪمانڊر ٽم هاڪنز چيو آهي ته ڪيپسول جي صورت ۾ ڏني ويندڙ دوا جي خوراڪ ۽ حفاظت بابت ابتدائي تحقيق مڪمل ٿي چڪي آهي، آمريڪي فوجين تي ان جي آزمائش آمريڪي مالي سال 2022 ۾ شروع ڪئي ويندي.
آمريڪا ۾ مالي سال 2022 پهرين آڪٽوبر 2021 کان شروع ٿيندو، مطلب ته آزمائشن جي شروعات به ھن سال جي آخر تائين شروع ڪرڻ جي اميد آھي.
اهو ڪيپسول آمريڪا جي نجي بائيو ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽرو بايوٽيڪ جي سهڪار سان تيار ڪيو ويو آهي. پينٽاگون 2018 ۾ مطالعو شروع ٿيڻ کان وٺي 28 لک رپيا خرچ ڪري چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔