ملڪ ۾ پيٽرول کان پوءِ ايل پي جي به مهانگي ٿي وئي

اسلام آباد: ملڪ ۾ليڪوڊ پيٽروليم گيس (ايل پي جي) جي اگهه ۾ 10 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي.
ايل پي جي ڊيلز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عرفان کوکر اگهه ۾ واڌ جو اعلان ڪيو.
عرفان کوکر موجب ايل پي جي تي 10 رپيا في ڪلو واڌ کان پوءِ قيمت 180 رپيا في ڪلو ٿي وئي.
هن چيو ته گهريلو سلينڊر 2 هزار 110 رپيا ۽ ڪمرشل سلينڊر 8 هزار 80 رپين جو ٿي ويو آهي.
عرفان کوکر وڌيڪ چيو ته گلگت بلتستان ۾ ايل پي جي 200 رپيا في ڪلو ٿي وئي.
سندس چوڻ هو ته اُتي گهريلو سلينڊر 2350 رپيا ۽ ڪمرشل سلينڊر 9000 رپين تائين پهچي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔