حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سياسي رابطن بابت وزير اعظم عمران خان جي صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته پيٽرول جي اگهه ۾ هڪ رپيو 71 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي پئي وڃي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چوڻ هو ته 26 جولاءِ جي انگن اکرن موجب دنيا ۾ 27 ملڪن ۾ پيٽرول جي قيمت پاڪستان کان گهٽ ۽ 140 ملڪن ۾ پاڪستان کان وڌيڪ آهي، دنيا ۾ پيٽرول جي اوسط قيمت 1.19 ڊالر في ليٽر پر پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 0.72 ڊالر في ليٽر آهي.
هن چيو ته دنيا ۾ پيٽروليم شين ۾ واڌ 47 سيڪڙو ٿي پر پاڪستان ۾ 11 سيڪڙو ٿي.
شهباز گل جو چوڻ هو ته اوگرا جي سفارش تي پيٽرول جي قيمت ۾ 1 رپيو 71 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته پيٽرول جي اگهه ۾ ڪنهن قسم جي واڌ نه پئي ڪئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ سان عام ماڻهو ۽ هاري وڌيڪ متاثر ٿيندو آهي ان ڪري ڊيزل جي اگهه ۾ واڌ جي سمري رد ڪئي وئي آهي.
شهباز گل ٻڌايو ته اگهه پهرين آگسٽ کان لاڳو ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔