واپاري اڳواڻن سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ ۾ اپوزيشن پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ واپاري ايڪشن ڪميٽي صوبي ۾ لاڪ ڊائون جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. آل ڪراچي واپاري اتحاد پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته اجلاس ۾ اپوزيشن اڳواڻ کي نه گهرايو ويو جيڪو صحيح عمل نه آهي.اين سي او سي جون تجويزون سموري ملڪ لاءِ آهن. پر سنڌ ۾ معاملو اونڌو آهي. سنڌ حڪومت مڪمل لاڪ ڊائون جو فيصلو فوري طور تي واپس وٺي. سنڌ حڪومت جي فيصلي سان غريب مزدور ۽ روزاني ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ 45 لک ماڻهو متاثر ٿيندا. سنڌ ٽاسڪ فورس مڪمل لاڪ ڊائون جو فيصلو اين سي او سي جي مفاهمت سان ڪيو. مڪمل لاڪ ڊائون سان ڪراچي جي واپارين کي 50 ارب روپين کان وڌيڪ نقصان برداشت ڪرڻو پوندو. آل ڪراچي واپاري اتحاد جي اڳواڻ عتيق مير چيو ته ويڪسينيشن سينٽرز جي سهوليت ۽ ان ۾ اضافي کان سواءِ عوام کي سزا ڏيڻ ناانصافي آهي.فيصلي جي خلاف واپاري احتجاج تي مجبور ٿيا ته ان جي ذميوار سنڌ حڪومت هوندي. واپاري ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر رضوان عرفان چيو ته اسان حڪومتي وفد کي مڪمل لاڪ ڊائون نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. فيصلي سان واپارين ۾ مايوسي پکڙجندي. لاڪ ڊائون جو فيصلو واپاري دشمني آهي. تحريڪ انصاف به سنڌ حڪومت جي مڪمل لاڪ ڊائون جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ حڪومت کي اسمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي تي عمل ڪرڻ گهرجي. اين سي او سي جي فيصلن سان پاڪستان تمام وڏي مصيبتن کان بچيو آهي.فيصلن ۾ سمورا ادارا ۽ اسٽيڪ هولڊر آن بورڊ ٿيا آهن. سنڌ ۾ لاڪ ڊائون نادر شاهي لاڪ ڊائون جي برابر آهي. سموري ملڪ کان سنڌ صوبي جو ريشو ويڪسين ۾ گهٽ رهيو. سنڌ صوبي هڪ به ويڪسين خريد نه ڪئي آهي. حليم عادل شيخ چيو ته 69 لک ويڪسين وفاق صوبي کي ڏني آهي. مرتضيٰ وهاب ان صورتحال تي ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. ان فيصلي سان غريب ماڻهو ۽ واپاري برادري پريشان ٿيندي. ڪراچي ۾ ڪچيون آباديون آهن. هڪ گهر ۾ 10 ماڻهو رهندا آهن.صوبي ۾ ويڪسين جو وڏو انگ موجود آهي پر لڳائي نه پئي وڃي. ڊيٽا انٽري آپريٽرز کي سنڌ حڪومت پگهارون ناهن ڏنيون. هن چيو ته اسان صرف اسمارٽ لاڪ ڊائون جي حمايت ڪريون ٿا پر ان کان اڳ واپاري برادري ۽ غريبن جي لاءِ پيڪيج آندو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔