وزيراعظم پاران وفاقي وزيرن کي واپارين جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ ملاقاتن جي هدايت

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان وفاقي وزيرن کي واپارين جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ ملاقاتون ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان ملڪ جي وڏي چيمبرز آف ڪامرس جي صدرن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز جي صدر ڪراچي، لاهور، خيبرپختونخواهه، ڪوئٽه، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، فيصل آباد، گجرات، ملتان، سرگودها، گوادر، اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي چيمبرز جي صدرن ۽ نائب صدرن شرڪت ڪئي. وفاقي وزيرن حماد اطهر، خسرو بختار، عبدالرزاق دائود، شهباز گل ۽ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر به ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چيمبرز آف ڪامرس پاران حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين ۽ قدمن تي ڀروسي جو اظهار ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙ تقريبن 4 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ، وڏي پيماني جي پيداوار ۾ 15 سيڪڙو تائين واڌ جي تعريف ڪئي ۽ ٽيڪس روينيو، برآمدات ۽ پرڏيهه مان ايندڙ آمدني جي واڌ تي وزيراعظم کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته ڪاروباري برادري ٽيڪس ڏيڻ لاءِ تيار آهي. اصلاحات لاءِ حڪومت سان ملي ڪم ڪنداسين. وزيراعظم ملڪي معيشت جي مضبوطي لاءِ صنعتي ترقي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ٽيڪس نظام جي بهتري لاءِ اصلاحات جاري آهي.وزيراعظم جي وفاقي وزيرن کي اسٽيڪ هولڊرز جون تجويزون ۽ مسئلا ٻڌڻ لاءِ ملاقاتن جي هدايت ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته سياحت جي ترقي لاءِ لائحه عمل، زراعت جي ترقي لاءِ جامع ايگريڪلچر پلان ٺاهي رهيا آهيون. جڏهن ته حڪومت برآمدات وڌائڻ لاءِ صنعتن کي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔