تيونس ۾ صدر وزيراعظم کي معزول ڪري مارشل لا ھڻي ڇڏيو

تيونس جي صدر قيس سعيد وزيراعظم ھشام مشيشي کي برطرف ڪري ملڪ ۾ مارشل ھڻي ڇڏيو. غير ملڪي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب صدر قيد فوج جي مدد سان پارليامينٽ کي 30 ڏينھن جي لاءِ معطل ۽ وزيراعظم کي برطرف ڪري ڇڏيو آھي. صدر طرفان پارليامينٽ کي معطل ڪرڻ کانپوءِ حڪمران جماعت طرفان مذمت جڏھن تھ حمايتي ماڻھو خوشي وچان روڊن تي نڪري آيا ۽ حڪومت جي برطرفي تي جشن ملھائڻ لڳا. ياد رھي تھ انھيءَ کان اڳ صحت جي وزير گذريل ھفتي ڪورونا ويڪسين جي تقسيم ۾ ھيراڦيري ڪرڻ سبب برطرف ڪري ڇڏيو ھو. واضح رھي تھ تيونس ۾ معاشي بحران ۽ ڪورونا وائرس سبب حالات خراب ٿيا ۽ انھيءَ جي ڪري گذريل تقريبا ھڪ سال کان صدر قيس سعيد ۽ مشيشي ۾ سياسي اختلاف وڌي ويا ھئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔