عبدالرزاق طرفان 22 سالن بعد ڊانسر سان لاڳاپن جو اعتراف

پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ آل رائونڊر عبدالرزاق تقريبن 22 سالن کانپوءِ اعتراف ڪيو آيه ته ماضي ۾ سندس لاڳاپا اداڪارا ۽ ڊانسر سان هئا. هڪ ٽي وي شو ۾ عبدالرزاق ٻڌايو ته 2013۾ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ ورتي هئي، 260 کان وڌيڪ ون ڊي ۽ 40 کان وڌيڪ ٽيسٽ ميچز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهيان. هن اعتراف ڪيو ته 1999ع ۾ ڪيريئر عروج تي هو، اسٽيج ڊانسر ۽ اداڪارا ديدار سان لاڳاپا هئا. هن ٻڌايو ته اداڪارا ۽ ڊانسر سان لاڳاپا هئا، ڳالهه شادي تائين پهتي هئي، ديدار شوبز نه ڇڏي، جنهن سبب ساڻس لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا ۽ شادي نه ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته کيس ڪيترائي ڀيرا ميچ فڪسنگ جي آڇ ٿي پر مون رد ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔