سونيا حسين جنوري 2023 ۾ شادي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: اداڪارا سونيا حسين جنوري 2023 ۾ شادي جو اشارو ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب اداڪارا سونيا حسين پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي مداحن سان سوالن جوابن وارو سيشن ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته هو 2023 جي پهرين مهيني ۾ شادي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. هن چيو ته شاهه رخ خان ۽ سلمان خان کيس بلڪل به نٿا وڻن جڏهن ته ول سمٿ، جوني ڊيپ ۽ ٽام ڪروز سان ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي.سونيا حسين چيو ته فهد مصطفيٰ سٺو اداڪار آهي جڏهن ته عاطف اسلم جو آواز به وڻندو آهي. هن ٻڌايو ته شعيب اختر سان رشتيداري ناهي پر هو سٺو دوست آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔