ڪراچي جي آئسوليشن مرڪزن مان ڪورونا جا 23 مريض ڀڄي ويا

ڪراچي جي آئسوليشن مرڪزن مان ڪورونا جي 23 مريضن جي فرار ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
سنڌ جي صحت کاتي سيڪيورٽي وڌائڻ جي لاءِ سنڌ جي گهرو کاتي کي خط لکي ڇڏيو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته آئسوليشن سينٽر ۾ سيڪيورٽي کي اڃا وڌايو وڃي، شهر جي آئسوليشن مرڪزن مان هن وقت تائين 23 ڪورونا جا مريض فرار ٿي چڪا آهن، سڀ کان وڌيڪ سنڌ گورنمنٽ لياقت آباد اسپتال مان مريض ڀڄي ويا آهن.
صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڀڄي ويل مريض سولائيءَ سان ٻين ۾ ڪورونا وائرس پکيڙي سگهن ٿا، هي ماڻهو پرڏيهه ملڪ مان پاڪستان آيا جن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي، گهڻو ڪري متاثر ماڻهن ۾ ڊيلٽا ويرينٽ جي تصديق ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔