اقتصادي رابطا ڪميٽي هڪ لک ميٽرڪ ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) هڪ لک ميٽرڪ ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ کنڊ جا اسٽريٽيجڪ ذخيرا قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ لک ميٽرڪ ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن موجب کنڊ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ملڪ ۾ کنڊ جي وڌندڙ اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ ذخيرا قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪيو ويو جڏهن ته 5 سالن جي اسٽريٽيجڪ ٽريڊ پاليس فريم ورڪ جي سمري ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪئي وئي.
ڪميٽي گذريل مالي سال دوران ڪورونا جي مد ۾ خرچ ٿيندڙ غير استعمال ٿيل فنڊز استعمال ڪرڻ جي به منظوري ڏني جڏهن ته اِهي فنڊ هلندڙ مالي سال ۾ سپليمنٽري گرانٽ طور استعمال ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔