ڪشمور ڀرسان 3 ٻارڙيون اڏيو واھ ۾ ٻڏي فوت

ڪشمور: ڪشمور ڀرسان 3 ٻارڙيون اڏيو واھ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون، ڪشمور جي ڳوٺ غلام حسين مزاري ڀرسان اڏيو واھ ۾ 3 ٻارڙيون ٻڏي فوت ٿي ويون، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آھي تھ 11 ورھين جي خاتون مزاري 8 ورھين جي آلمون، 9 ورھين جي سونيا مزاري اڏيو واھ ۾ وھنجندي ٻڏي فوت ٿي ويون آهن، ٻڏي ويل ٻارڙين ۾ 2 ڀينرون ۽ 1 سئوٽ آهي جيڪا گڏجي وھنجندي پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن، وارثن لاش هٿ ڪري ورتا آھن، گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔