عورتن جي مختصر ڪپڙن تي مهوش حيات جو اهم بيان

ڪراچي: پاڪستان جي ڪامياب اداڪارا مهوش حيات چيو آهي ته مسئلو ڪپڙن جو نه پر مردن جي ذهنيت جو آهي.
اداڪارا جي هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڏنل انٽرويو جي ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، انٽرويو دوران ميزبان طرفان اداڪارا کان وزيراعظم عمران خان جي عورتن جي لباس جي حوالي سان ڏنل بيان تي سوال ڪيو ويو.
سوال جي جواب ۾ مهوش حيات پنهنجي هڪ فلم جو حوالو ڏيندي وزيراعظم جي بيان جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته مسئلو ماڻهن جي سوچ ۾ آهي عورتن جي ڪپڙن جو نه.
مهوش حيات جو چوڻ هو ته اسان کي ماڻهن جي سوچ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اولهه ۾ عورتون مختلف قسمن جو لباس پائينديون آهن پر عورت جي حساب سان مون کي ڪڏهن به محسوس ناهي ٿيو ته ڪير مون ڏانهن ڏسي رهيو آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن اهو مسئلو هتي آهي ته مون کي لڳي ٿو اهو ماڻهن جي سوچ جو مسئلو آهي ۽ اهڙي سوچ کي مَٽائڻ جي ضرورت آهي.
واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان انٽرويو ۾ چيو هو ته مرد روبوٽ ناهن، جيڪڏهن عورت ننڍا ڪپڙا پائيندي ته ان جو اثر ته ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔