ڪبريٰ خان شاديءَ کي آزادي تي پابندي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي : ناليواري اداڪارا ڪبريٰ خان چيو آهي ته اڪيلائيءَ جي جهڙي آزادي شادي کانپوءِ ناهي.
ڪبريٰ خان ۽ اداڪار گوهر رشيد تازو هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ انهن پنهنجي ذاتي زندگي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ميزبان اداڪارا کان شادي جي حوالي سان سوال ڪيو، جنهن تي ڪبريٰ چيو ته مون کي هاڻي ان ڳالهه جو احساس ٿي رهيو آهي ته جيڪا آزادي اڪيلائپ ۾ آهي، اها ڪنهن ٻئي سان رهڻ ۾ ناهي، پنهنجي ذات لاءِ جيڪو ڪم اسان اڪيلا رهي ڪري سگهون ٿا، اهو ڪنهن سان گڏ رهي نٿا ڪري سگهون.
اداڪارا جو چوڻ هو ته منهنجي والده سدائين چوندي آهي ته جيستائين ڪنهن شئي جو بنياد مضبوط ناهي هوندو، تيستائين ان تي ڪا به عمارت تعمير نٿي ڪري سگهجي.
ڪبريٰ خان وڌيڪ چيو ته هر انسان هڪڙو بنياد آهي، جيستائين توهان پاڻمرادو مضبوط ناهيو يا توهان کي ائين نه لڳي ته توهان ڪنهن ٻئي کي ساڻ ڪري زندگي گذاري سگهو ٿا، تيستائين توهان کي شادي بابت سوچڻ ئي نه گهرجي.
هن چيو ته اڃا مان پنهنجو پاڻ تي ڪم ڪري رهي آهيان، جڏهن وقت آيو ته شادي به ٿي ويندي پر ان ۾ اڃا وقت لڳندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔