اينڊي فلاور شاهنواز ڏاهاڻي کي سون جي دل وارو انسان قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: پي ايس ايل جي تازي سيزن جي فاتح ملتان سلطانز جي ڪوچ اينڊي فلاور نوجوان فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي سون جهڙي دل وارو انسان قرار ڏيندي چيو آهي ته هُن مُک تي مرڪون سجائي مقابلن ۾ حصو ورتو.
پاڪستان ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي ويب سائيٽ www.cricketpakistan.com کي خاص انٽرويو ڏيندي ملتان سلطانز جي ڪوچ اڳوڻي زمبابوين ڪپتان اينڊي فلاور نوجوان پيسر شاهنواز ڏاهاڻي جي دل کولي تعريف ڪئي آهي.
شاهنواز ڏاهاڻي سڀ کان وڌيڪ 20 وڪيٽون وٺي پي ايس ايل 6 جي بهترين بالر جو ايوارڊ ماڻي چڪو آهي.
اينڊي فلاور چيو ته پهريون ڀيرو اعليٰ معيار جي ڪرڪيٽ جو تجربو ماڻيندڙ پيسر چهري تي مرڪون سجائي نه رڳو ميدان ۾ مقابلو ڪيو پر ضرورت پوڻ تي هو سنجيده به ٿيو، فيلڊ ۾ سندس رويو ڏسي ٻيا ڪرڪيٽر به لطف اندوز ٿيندا رهيا، هن نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ ٽي وي تي ميچون ڏسندڙ ماڻهن کي متاثر ڪيو هوندو.
ڪوچ جو چوڻ هو ته ڏاهاڻي سون جي دل وارو ماڻهو آهي ۽ سدائين پنهنجي ٽيم ۽ ساٿين لاءِ بهترين راند کيڏڻ چاهيندو آهي، اهو هر لحاظ سان اسان جي ٽيم جو انمول ميمبر آهي.
اينڊي فلاول محمد رضوان جي به ساراهه ڪندي چيو ته هن سامهون اچي بهترين انداز ۾ اڳواڻي ۽ بيٽنگ ڪئي، ڪراچي ۾ ملتان سلطانز جي شروعات سٺي نه هئي پر رضوان ان کي شاندار انداز ۾ سنڀالي ورتو.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بابراعظم جي اڳواڻي جي حوالي سان ڪا خاص ڄاڻي ڪونهي پر ان کي پنهنجي رانديگرن جي مڪمل حمايت حاصل آهي، بابر تمام سٺو نوجوان آهي ۽ بهترين بيٽنگ ڪندو آهي، جڏهن منهنجو ڀاءُ گرانٽ فلاور پاڪستان جو بيٽنگ ڪوچ هيو ته سندس بابر سان سٺا لاڳاپا هئا، اڳواڻي جي گهڻي دٻاءَ بابر تي سٺو اثر ڇڏيو، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو پنهنجي جذبن کي قابو ڪندي بيٽنگ ۾ سُٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندي سامهون اچي ٽيم جي اڳواڻي ڪري سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔