سنڌ جي گهرو وزارت عيدالاضحيٰ لاءِ گائيڊ لائنز جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ جي گهرو وزارت عيدالاضحيٰ جي لاءِ گائيڊ لائنز جاري ڪري ڇڏي آهي. صوبائي گهرو وزارت جي گائيڊ لائنز موجب  سموري صوبي ۾ هڪ هنڌ تي مختلف وقتن ۾ عيد جا اجتماع منعقد ڪيا ويندا ۽ عيد جي نماز کليل هنڌن تي ادا ڪئي ويندي.

گائيڊ لائنز ۾ چيو ويو آهي ته عيد جي نماز لاءِ ايندڙن کي ٿرمل اسڪينر مان گذاريو ويندو ۽ عيد نماز جي اجتماعن ۾ سماجي وٿي به برقرار رکي ويندي.  جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪورونا وائرس ۾ واڌ سبب شهري رهائشي علائقن ۾ قرباني جي اجازت نه آهي. جانورن جي قرباني لاءِ کليل ميدانن جي چونڊ ڪئي ويندي ۽ جانورن کي قربان ڪندي  ماڻهن جو ميڙ گڏ نه ٿئي. 

سنڌ جي گهرو وزارت ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جي خلاف ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ پوليس کي ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته عيد نماز جا اجتماع به کليل هنڌ تي منعقد ڪيا ويندا ۽ هڪ ئي هنڌ تي عيد جي نماز جا هڪ کان وڌيڪ اجتماع ڌار وقتن ۾ منعقد ڪيا وڃن. عيد جي نماز لاءِ ايندڙن کي ٿرمل اسڪينر مان گذاريو وڃي.

نماز دوران سماجي وٿي برقرار رکي وڃي ۽ عيد جي اجتماعن ۾ بيمار ماڻهو، ٻارن ۽ بزرگ شهرين کي شرڪت نه ڪرڻ ڏني وڃي. گهرو وزارت سنڌ جو چوڻ آهي ته عيد جي نماز پڙهندڙ ماڻهو فيس ماسڪ جو استعمال لازمي ڪن ۽ شهري عيد جي نماز کان پوءِ هٿ ملائڻ ۽ گلي ملڻ کان به پاسو ڪن۔

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔