وزيراعظم عمران خان پاران عيد کان پوءِ سنڌ ۾ سياسي جلسا ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان پاران آگسٽ کان سنڌ ۾ سياسي جلسا منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جا جلسا سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندا جن دوران وڏيون شخصيتون پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿينديون. ذريعن ٻڌايو آهي ته پ پ مخالف سياسي قوتن سان ملاقاتون ۽ انهن کي شامل ڪرڻ پڻ سنڌ پلان جو حصو هوندو. ذريعن موجب ، وزيراعظم عمران خان عيد کانپوءِ سنڌ بابت هڪ ٻيو اجلاس طلب ڪيو آهي جنهن ۾ سنڌ پلان کي حتمي شڪل ڏني ويندي جڏهن ته ساڳي اجلاس ۾ سنڌ ايڊوائيزري ڪميٽي جا نالا به فائنل ڪيا ويندا. ذريعن ٻڌايو ته وفاقي منصوبن جي عملدرآمد جي رڪاوٽن بابت اهم فيصلا عيد کانپوءِ به ڪيا ويندا ، جڏهن ته مبينا ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن يا سياسي سهولتڪار بڻجندڙ بيوروڪريٽس خلاف ڪارروائي بابت صلاح مشورا ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔