سعودي عرب سميت مختلف ملڪن ۾ اڄ عيدالاضحيٰ ملهائي پئي وڃي

رياض:   سعودي عرب، متحده عرب امارات، جاپان، انڊونيشيا، ڪينيڊا، آمريڪا ۽ برطانيه سميت مختلف يورپي ملڪن ۾ اڄ عيدالاضحيٰ ملهائي پئي وڃي.

سعودي عرب، يو اي اي سميت نار وارن ملڪن ۾  مذهبي جوش، جذبي سان عيدالاضحيٰ ملهائي پئي وڃي. مڪه مڪرمه، مسجدالحرام ۾ عيدالاضحيٰ جي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ مسلمان سنت ابراهيمي تي عمل ڪندي قرباني ڪري رهيا آهن. سعودي عرب ۾ عيد جو وڏو اجتماع مسجد نبوي صه ۾ ٿيو جتي حاجين سميت لکين ماڻهن عيد جي نماز ادا ڪئي ۽ ڪورونا سبب سماجي وٿي ۽ احتياطي تدبيرن جو مڪمل خيال رکيو ويو.

عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪورونا وبا جي خاتمي ۽ امت مسلمه جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون. آمريڪا، برطانيه ۽ جاپان ۾ به اڄ عيدالاضحيٰ ملهائي پئي وڃي ۽ مسلمان سنت ابراهيمي جي پيروي ڪندي قرباني ڪرڻ ۾ مصروف آهن. پاڪستان، ڀارت سميت ڪيترن ئي ٻين ملڪن ۾ عيدالاضحيٰ سڀاڻي 21 جولاءِ 2021 تي ملهائي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔