وزيراعظم مستعفي ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو: فردوس عاشق اعواڻ

ڪراچي: وزيراعليٰ پنجاب جي خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ سيالڪوٽ ۾ ننڍي چونڊ مهم لهڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ وزيراعظم عمران خان کيس عهدي تان مستعفي ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سيالڪوٽ ۾ الڪيشن جو محاذ گرم آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ سان چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ جي اجازت گهر آهي، مستعفي ٿي ڪري پارٽي اميدوار جي مهم هلائڻ چاهيان ٿي، هن چيو آهي ته مستعفي ٿيڻ جي اجازت ملڻ تائين بطور معاون خصوصي ڪم جاري رکنديس، نٿي چاهيان ته الڪيشن ڪميشن سان ميچ ٿئي ان ڪري قانوني رستو اختيار ڪري رهي آهيان، هڪ بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان هن کي مستعفي ٿيڻ کان روڪيندي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔