افغان حڪومت پاڪستان ۾ مقرر سفير ۽ سفارتي عملو واپس گهرائي ورتو

ڪابل : افغان حڪومت پاڪستان ۾ مقرر پنهنجي سفير نجيب الله علي خيل سميت سفارتي عملي کي واپس گهرائي ورتو.
افغان پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ افغان سفير ۽ ٻئي سفارتي عملي کي ڪابل واپس گهرايو ويو آهي.
افغان پرڏيهي وزارت موجب افغان صدر اسلام آباد مان افغان سفير ۽ سفارتي عملي کي واپس گهرايو آهي، افغان سفير ۽ سفارتي عملي کي سيڪيورٽي جي معاملي تي واپس گهرايو ويو.
افغان پرڏيهي وزارت ٻڌايو آهي ته ملڪي وفد پاڪستان جو دورو ڪري صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.
واضح رهي ته اسلام آباد ۾ افغان سفير جي ڌيءَ جي مبينا اغوا ۽ تشدد جو معاملو سامهون آيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔