انگلينڊ پاڪستان سان پلاند ڪري ڇڏيو، سيريز برابر

ليڊز : انگلينڊ ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 45 رنسن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي.
ليڊز ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ انگلينڊ جي ٽيم 19.5 اوورن ۾ 200 تي آل آئوٽ ٿي وئي.
انگلينڊ طرفان ڪپتان جوز بٽلر 59 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته ليام ليونگسٽن 38، معين علي 36 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
پاڪستان طرفان محمد حسنين 3، حارث رئوف ۽ عماد وسيم 2-2، جڏهن ته شاهين آفريدي ۽ شاداب خان 1-1 وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ قومي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 155 رنسون ٺاهي سگهي.
محمد رضوان 37، بابر اعظم 22، صهيب مقصود 15، محمد حفيظ 10، فخر زمان 8، عماد وسيم 20، شاداب خان 36 رنسون ٺاهيون.
انگلينڊ طرفان ثاقب محمود بهترين بالنگ ڪرائيندي 3 وڪيٽون ورتيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔