لاهور جي اسپتالن ۾ ٽن ڏينهن دوران وڌيڪ ڇاونجاهه مريضن ۾ ڊيلٽا وائرس جي تصديق

لاهور ۾ ڪورونا ڊيلٽا وائرس تيزي سان پکڙجڻ لڳو. لاهور جي اسپتالن ۾ 3 ڏينهن جي دوران وڌيڪ 56 مريضن ۾ ڊيلٽا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي.ذريعن موجب 3 ڏينهن جي دوران 85 شڪي نمونن مان 56 ۾ ڊيلٽا وائرس جي تصديق ٿي آهي. ان حوالي سان صوبائي صحت کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ڊيلٽا وائرس جي پکيڙ جي رفتار ٻين ويرينٽس جي مقابلي ۾ 50 سيڪڙو تيز آهي. ان کان بچاءُ صرف ويڪسين لڳائڻ سان ئي ممڪن آهي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن پنجاب جي وڌيڪ 24 شهرين ۾ ڊيلٽا وائرس جي تصديق ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔