سعودي عرب 25 جولاءِ کان عمري جي اجازت ڏئي ڇڏي

رياض : حج بابت سعودي عرب جي نائب وزير اعلان ڪيو آهي ته حج کانپوءِ 25 جولاءِ کان عمري جي اجازت ڏني ويندي.
اعلان موجب روز 20 هزار زائرين کي اجازت ناما جاري ڪيا ويندا، زائرين جي انگ ۾ آهستي آهستي واڌ ڪئي ويندي.
هوڏانهن سعودي عرب ۾ نماز جي وقتن ۾ دڪان ۽ ڪاروبار جاري رکڻ جي اجازت به ڏني وئي آهي.
اختيارين موجب ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪندي شهرين کي انتظار کان بچائڻ لاءِ دڪان کليل رکيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔