ممبئي ۾ تيز طوفاني برساتن تباهي مچائي ڇڏي، ايڪيهه ڄڻا فوت

ممبئي: ڀارت جي صنعتي شهر ممبئي ۾ تيز طوفاني برساتن دوران 21 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ممبئي شهر ۾ تيز طوفاني برساتن تباهي مچائي ڇڏي آهي. برسات دوران ٽن مختلف حادثن ۾ 21 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.ڀارتي وزيراعظم فوت ٿي ويلن جي وارثن کي 2 لک روپيه جڏهن ته زخمين کي 50 هزار روپيه معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي حادثي تي ڏک جو اطهار ڪندي چيو آهي ته ڏک جي هن گهڙي ۾ ڏکويل خاندان سان گڏ آهيون. ممبئي ۾ طوفاني برساتن دوران ڀت ڪرڻ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جا واقعا پيش آيا جنهن ۾ فوتگيون ٿيون. برساتن دوران ڀت ڪرڻ سبب 11 ڄڻا فوت ٿيا آهن. ممبئي جي علائقي کهرولي ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب 5 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. زخمين کي ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. شهري انتظاميه الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ۽ شهرين کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.واضح رهي ته ممبئي ۾ رڪارڊ 156 ملي ميٽر برسات پئي جيڪا تقريبن 6 ڪلاڪن تائين جاري رهي جنهن شهرين جي زندگي کي مفلوج ڪري ڇڏيو. برسات سبب هيٺياهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ ماڻهن محفوظ هنڌن تي پناهه ورتي. ممبئي ۾ طوفاني برساتن دوران پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو. جڏهن ته ٽرين سروس مڪمل طور تي معطل ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔