ماڌوري جي ڪري فلم دل تو پاگل هي ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو: ڪرشمه ڪپور

ممبئي: ڀارتي اداڪاره ڪرشمه ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته بالي ووڊ جي سپر هٽ فلم دل تو پاگل هي ۾ ان جي ڪردار لاءِ ڪيترين ئي اداڪارائن سان رابطو ڪيو ويو هو پر ڊانس جي راڻي ماڌوري ڊڪشٽ جي مقابلي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ سڀني انڪار ڪيو هو.ڀارتي ريئلٽي شو انڊين آئيڊل ۾ ڳالهيون ڪندي اداڪاره ٻڌايو ته هن فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان ڪيترين ئي اداڪارائن اهو چئي منع ڪري ڇڏيو هو ته اسان ماڌوري جي مقابلي ۾ ڊانس نٿيون ڪري سگهون. ڪرشمه ڪپور ٻڌايو ته جڏهن مون کي فلم جي آڇ ٿي ته مان به ماڌوري جي ڪري شروعاتي طور تي هن فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو پر پوءِ هدايتڪار يش چوپڙا ۽ اديتيا چوپڙا مون وٽ آيا ۽ مون کي فلم جي ڪهاڻي ٻڌائي. اداڪاره چيو ته منهنجي والده مون کي هن فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو.هن چيو ته منهنجي ماءُ مون کي چيو ته تون ماڌوري جي مداح آهين ۽ هي تنهنجي لاءِ چيلنج هوندو ڇو ته فلم ۾ ماڌوري ۽ تنهنجي ڊانس جو مقابلو ڏيکاريو ويندو. تون اهو چيلنج قبول ڪر ۽ محنت ڪر جنهن کان پوءِ مون فلم ۾ ڪم ڪرڻ لا3 ها ڪئي. ياد رهي ته 1997ع ۾ ٺهندڙ فلم دل تو پاگل هي ۾ شاهه رخ خان، ماڌوري ڊڪشت ۽ ڪرشمه ڪپور مُک ڪردار ادا ڪيو هو. فلم ۾ بهترين اداڪاري سبب ڪرشمه کي فلم فيئر ايوارڊ سميت نيشنل ايوارڊ سان به نوازيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔