نواز شريف جهڙي اداڪاري ڪو هالي ووڊ ۾ به نٿو ڪري سگهي: وزيراعظم

باغ: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آر ايس ايس جي نظريي سان سڀ کان وڌيڪ خطرو پاڻ ڀارت کي آهي، مان سڄي دنيا ۾ ڪشمير جو سفير بڻجي نڪرندس ۽ ڪشميرين لاءِ آواز اٿاريندو رهندس. آزاد ڪشمير جي علائقي باغ ۾ چونڊ جلسي سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ ڪشمير جو ڪلمي طيب جو رشتو آهي، هن سال جي آخر تائين سڄي آزاد ڪشمير کي هيلٿ انشورنس ڏينداسين، 5 آگسٽ کانپوءِ مودي سمجهيو ته ڪشميري گوڏا کوڙي ڇڏيندا، ڪشميرين جي جذبي کي سلام پيش ڪيون ٿا، چاهيون ٿا ته والاريل ڪشمير جا ماڻهو آزاد هجن. سندس چوڻ هو ته ڪو به ملڪ ڪنهن جي اڳتي هٿ ٽنگي ترقي نٿو ڪري سگهي، قانون جي حڪمراني سان ترقي ٿيندي آهي، سڀ ڦورو هڪ ئي شئي گهري رهيا آهن پر عمران خان اين آر او نه ڏيندو، اهي ڦورو اڄ حڪومت ڪيرائي رهيا آهن، چاهين ٿا ته مان کين معاف ڪري ڇڏيان، مهذب معاشري ۾ ڪير ڪوڙي ٽيسٽ ڏيکاري برطانيا ناهي ويندو، ائين ڪٿي ناهي ٿيندو ته سزا يافته شخص اداڪاري ڪري برطانيا هليو وڃي، نواز شريف اهڙي اداڪاري ڪئي، جهڙي ڪو هالي ووڊ ۾ به نٿو ڪري سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔