آزاد ڪشمير جي چونڊن کان اڳ ڪشميرين(ن) ليگ جي حق ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي: مريم نواز

مظفرآباد: مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته آزاد ڪشمير چونڊن کان آزاد ڪشمير جي عوام(ن) ليگ جي حق ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. نوازشريف جا آواز پوري ڪشمير ۾ گهمي رهيا آهن.مريم نواز چيو ته هي 2018 نه آهي جنهن ۾ اوهان آر ٽي ايس روڪرائي ڇڏيو هو هاڻ جيڪڏهن اوهان ڪشمير جي چونڊ چوري ڪئي ته ڪشمير جي عوام اوهان کي نه ڇڏيندي. مسلم ليگ(ن) هاڻ 2018 واري ناهي رهي. پر هاڻ اها ووٽ چوري ڪندڙن کي پڪڙڻ واري پارٽي آهي(ن) ليگ جي چونڊ مهم مخالفن کي نظر اچي رهي آهي. اسلام ڳڙهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو ته سموري دنيا ڏسي ورتو ته ڪشميرين پنهنجو فيصلو نواز شريف جي حق ۾ ٻڌائي ڇڏيو آهي. (ن) ليگ سمورين مخالف پارٽين جون ڊوڙون لڳائي ڇڏيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔