مريم نواز والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي مذمت ڇو نٿي ڪري: فرخ حبيب

فيصل آباد: فرخ حبيب چيو آهي ته مريم نواز کي ڪوڙ جا ڪيترائي سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. مريم نواز والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي مذمت ڇو نٿي ڪري. هو مودي جو نالو ڇو نٿي وٺي. هن جي زبان مان آر ايس ايس جو نالو ڇو نٿو نڪري. مملڪتي وزير فرخ حبيب فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪومت پيٽروليم ليوي کي گهٽ ڪري رهي آهي. اپوزيشن کي چيلنج ڪريان ٿو ته ٻڌائي ڪهڙي پيٽروليم ٽيڪسز ۾ واڌ ڪئي وئي. حڪومت عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پيٽروليم شين جون قيمتون خطي ۾ هن وقت به سڀني کان گهٽ آهن. اوگرا طرفان 11 روپين جي سمري آئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔