سنڌ ڪابينه مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ ڪابينه مرتضيٰ وهاب کي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو آهي۔تفصيل موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل سيڪريٽريز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ ڪابينه مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ياد رهي ته هلندڙ مهيني سنڌ حڪومت ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي مرتضيٰ وهاب کي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مقرر ڪيو ويندو. بيرسٽر مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جون رونقون بحال ڪرڻ جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن ۽ ڪي ايم سي جي تباهه ٿيل نظام کي صحيح ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔