افغان سفير جي ڌيءُ جي مبينا اغوا ۽ تشدد بابت پاڪستان جو موقف اچي ويو

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ افغان سفير نجيب الله علي خيل جي ڌيءُ جي مبينا اغوا ۽ تشدد بابت پاڪستان جو موقف منظرعام تي اچي ويو آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري ڪيل بيان مطابق ، افغان سفارتخاني ڪالهه رپورٽ ڏني ته افغان سفير جي ڌيءُ مٿان ڪار ۾ سوار ٿيڻ دوران حملو ڪيو ويو، واقعي جو اطلاع ملندي ئي اسلام آباد پوليس فوري طور تي جاچ شروع ڪري ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پرڏيهي وزارت ۽ سيڪيورٽي اهلڪار، سفير ۽ سندس خاندان سان رابطي ۾ آهن ۽ پرڏيهي وزارت ۽ سيڪيورٽي اهلڪار معاملي ۾ مڪمل تعاون ڪري رهيا آهن. ترجمان چيو ته ڏوهارين جو پتو لڳائڻ ۽ انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي تائين آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ، افغان سفير ۽ سندس خاندان جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. ترجمان موجب، اهڙا واقعا ناقابل برداشت آهن ۽ سفارتڪار پنهنجي گهرڀاتين جي حفاظت لاءِ پرعزم آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔