اسلام آباد: تشدد ڪيس: نوجوان ۽ ناري جوابدارن کي سڃاڻي ورتو

ڪراچي: اسلام آباد ۾ تشدد ڪيس ۾ متاثر نوجوان ۽ ناري جوابدارن کي سڃاڻي ورتو، ميڊيا رپورٽ موجب ڇوڪرو ۽ ڇوڪري کي حراسان ڪرڻ واري مامري تي اڊياله جيل ۾ 3 جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ ڪرائي وئي جنهن ۾ متاثر جوڙي ٽنهي جوابدرن کي سڃاڻي ورتو آهي، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽنهي جوابدارن جي ٻيهر جسماني ريمانڊ حاصل ڪيو ويندو، واضح رهي ته اسلام آباد ۾ نوجوان ۽ ناري تي تشدد ۽ وڊيوز ٺاهڻ جي ڪيس ۾ عثمان مرزا ۽ ٻين جوابدارن جي خلاف ڀتاخوري، جنسي زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر ڇوڪري ۽ نوجوان پاڻ ۾ شادي ڪري ڇڏي آهي ۽ انهن جا بيان به رڪارڊ ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔