سنڌ يونيورسٽي ڪرپشن ڪيس: پروفيسر سردارعلي شاهه سوڌو 9 ڄڻن جي ضمانت منظور

حيدرآباد: ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ڪرپشن ڪيس مان لا جي پروفيسر سيد سردار علي شاهه سميت 9 جوابدارن جي پڪي ضمانت منظور ڪندي ٻڌڻي 30 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت سميت عبوري ضمانت حاصل ڪندڙ جوابدار پيش ٿيا، اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي رپورٽ پيش نه ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي مهلت جي درخواست ڏني پر عدالت سندس درخواست رد ڪندي جوابدارن جي پڪي ضمانت لاءِ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ شروع ڪيا، عدالت لا جي پروفيسر سردار شاهه، بيدل مسرور، ورڪس ڪميٽي جي ايڪسيئين شفيع محمد ميمڻ سميت 9 جوابدارن جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد پڪي ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔